بزمِ رُوح رهاڻ

بزمِِ رُوح رهاڻ: علمي ادبي تنظيم، جيڪا مشھور اديب ۽ ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ رٽائرمينٽ کان پوءِ 2000ع ۾ قائم ڪئي. تنظيم جي پليٽفارم تان ايڪيھين صدي عيسويءَ جَي پھرين ٻن ڏهاڪن دوران علم ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جِي خدمت ڪئي وئي. بزمِ روح رهاڻ جَي گڏجاڻين ۾ نون لکندڙن جِي حوصله افزائي ۽ کين سکڻ جا موقعا فراهم ‏ڪيا ويا. اداري جو پھريون سيڪريٽري پروانو ‏ڀٽي مقرر ٿيو. ٻيو الھداد ’جاويد‘ ميراڻي، ‏ٽيون علي اڪبر شائق، چوٿون پروفيسر نذير ‏ملڪاڻي ۽ پنجون صحافي ۽ ليکڪ واحد ڪانڌڙو مقرر ٿيو. 3 جنوري 2020ع تي حميد سنڌي جي وفات کان پوءِ هن بزم جي علمي ادبي ڪمن ‏کي جاري رکندي، ماهوار ’روح رهاڻ‘ جا 27 شمارا پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ ’بزمِ روح رهاڻ‘ پاران هر آچر تي قاسم آباد ۾ ادبي گڏجاڻين جو سلسلو پڻ جاري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو